سنڌ صدين کان3

سنڌ صدين کان3

سنڌ صدين کان3

سنڌ صدين کان3 (ڪتاب): هي سنڌ جي تاريخ جي مختصر جائزي بابت غلام محمد لاکي جو لکيل ڪتاب آهي، جيڪو چئن فصلن (بابن) ۾ ورهايل آهي، ابتدا ۾ سنڌ جو تعارف، نالو، پکيڙ، آدمشماري ۽ خصوصيتون ڏنيون ويون آهن. پهرئين باب جو موضوع، موهن جو دڙو، قدامت، عروج، زوال ۽ رسم الخط آهي. ٽئين باب ۾ قديم روايتي تاريخ کان راجا ڏاهر جي زوال تائين، آزاد سنڌ جو عروج ۽ گذريل 2200 سالن جو جائزو ورتو ويو آهي. ٽئين باب ۾ عربن کان ٽالپرن جو دور بيان ڪيو ويو آهي. چوٿين باب ۾ انگريزن کان پاڪستان جو دور، بنگلاديش جي آزاديءَ تائين اچي وڃي ٿو. هي ڪرائون سائيز جي 78 صفحن تي مشتمل ڪتاب، گرامي پبليڪيشن، دولتپور صفن، نوابشاهه پاران، 1980ع ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو، جنهن جي آرٽ پيپر واري ڇاپي جي قيمت 4.50 روپيا ۽ ڪارڊ ڪوَر واري ڪتاب جي قيمت 6 روپيا آهي.
ڊيمي سائيز جي 657 صفحن جي هن ڪتاب جي قيمت 480 روپيا آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو